تازه ترين

ننگرپارڪر، ميرپور  بٺورو، دڙو ۽  عثمان شاهه هڙي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم مان ڪٽوتي ۽ رقم نه ملڻ خلاف مستحق عورتن طرفان احتجاج

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ننگرپارڪر، ميرپور  بٺورو، دڙو ۽  عثمان شاهه هڙي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم مان ڪٽوتي ۽ رقم نه ملڻ خلاف مستحق عورتن طرفان احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

ننگر پارڪر ۾ اومني سينٽر تي بينظير انڪم سپورٽ وظيفي جي رقم مان  ڪٽوتي خلاف مستحق عورتن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ميرپور بٺوري ۾ بينظير انڪم سپورٽ وظيفي جي رقم مان ڪٽوتي خلاف عورتن پاران جنان خاتون، نسيمه ملاح، رضيا ملاح، پٺاڻي زنئور ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ شورا چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

دڙي ۾ وظيفي جي رقم نه ملڻ خلاف مستحق عورتن پاران ڊوائيس هولڊرن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

عثمان شاهه هڙي ۾ بينظير انڪم سپورٽ جي  قسط نه ملڻ خلاف مستحق عورتن ، نسرين، شيرين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مستحق عورتن جو چوڻ هو ته 9 هزار رپين جي قسط مان 5 سئو کان 15 سئو تائين ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته بينظير انڪم سپورٽ جي قسط جاري ٿيڻ باوجود رقم نه پئي ڏني وڃي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته وظيفي جي رقم مان ڪٽوتي ڪندڙ ڊوائيز هولڊرن خلاف ڪارروائي ڪري بينظير انڪم سپورٽ جي مڪمل رقم ڏياري وڃي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
28.1 ° C
28.1 °
28.1 °
34 %
4.7kmh
41 %
آچر
27 °
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون