- Advertisement -
خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت راڻيپور ۾ پيراڻي حويلي ۾ تشدد بعد قتل ٿيل نينگري فاطمه ڦرڙو جو ڪيس ٻيهر سيڪشن ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ راڻيپور ۾ پيراڻي حويلي ۾ تشدد بعد قتل ٿيل نينگري فاطمه ڦرڙو ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
مک جوابدار اسد شاهه، حنا شاهه، فياض شاهه ۽ امتياز ميراسي وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ٿيا.
فريادي ڌر طرفان وڪيل کانسواءِ ڪوبه عدالت ۾ پيش نه ٿيو.
عدالت ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ٻيهر سيشن ڪورٽ منتقل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت جو چوڻ آهي ته ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي دائري ۾ نٿو اچي انڪري سيشن ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪري رهيا آهن.
ڪيس جي ٻڌڻي هاڻي 13 جنوري تي سيشن ڪورٽ ۾ ٿيندي.- Advertisement -
