- Advertisement -
قانون ۽ مذهبي معاملن واري نگران وزير عمر سومرو پاران سينٽ پيٽرڪ ڪيٿڊرل اينڊ ڊيوسين چرچ هائوس جو دورو ڪيو ويو.
ان موقعي تي قانون ۽ مذهبي معاملن واري نگران وزير عمر سومرو، بيني ميريو ۽ فريڊرڪ جوهن بشپ سان ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ صوبائي وزير کي ڪورنگي ۾ زمين تي قبضي ۽ مسيحي برادريءَ جي ٻين مسئلن کان آگاهه ڪيو ويو.
نگران وزير عمر سومري جو چوڻ هو ته ڪورنگي ۽ ٻين علائقن مان عيسائي برادريءَ جي ملڪيتن تان قبضا ختم ڪرايا ويندا.
نگران وزير چيو ته سنڌ حڪومت تعليم جي شعبي ۾ مسيحي برادريءَ جي ڀرپور مدد ڪندي.- Advertisement -
