وزيراعظم شهباز شريف سان آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ پ پ وفد جي ملاقات

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ پ پ وفد ملاقات ڪئي. آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري پاران، شهباز شريف کي وزيراعظم جو  عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني  ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ جو چوڻ آهي ته پ پ ملڪ جي مضبوطي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ  حڪومت سان گڏ بيٺل رهندي. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته الله کيس هڪ دفعو ٻيهر ملڪ جي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي. هن چيو ته  خادم پاڪستان چونڊڻ لاءِ ايوان ۾ پنهنجي اتحادي پارٽين جو ٿورائتو آهي، الله جي ڪرم ۽ پنهنجي محنت سان پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. ملاقات ۾ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه،  سينيٽر اسحاق ڊار، سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ پنجاب جو اڳوڻو نگران وڏو وزير محسن نقوي به موجود هئا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.6 ° C
22.6 °
22.6 °
35%
1.2m/s
0%
اڱارو
26 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون