- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف سمگلنگ روڪڻ لاءِ انتظام وڌيڪ سخت ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته ايف بي آر جو انفورسمينٽ سسٽم بهترين بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، اوڳاڙين ۾ بهتري سان عوام کي سروسز جي فراهمي ۽ سوشل سيڪٽر ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، ايف بي آر ملڪي معيشيت ۾ ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي معاملن بابت اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ ايف بي آر ٽرانسفارميشن پلان بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
بريفنگ ۾ چيو ويو آهي ته ايف بي آر پلان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي هاڪاري استعمال ۽ ٽيڪس اوڳاڙي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ايمانداري سان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن ۽ عملي جي حوصلا افزائي ۽ ٽيڪس قانون لاڳو ڪرڻ کي بهتر بڻائڻ بابت گڏيل حڪمت عملي شامل آهي.
بريفنگ ۾ چيو ويو ته پروگرام ايف بي آر جي آفيسرن ۽ ماهرن چيئرمين سان گڏجي 40 ڏينهن ۾ تيار ڪيو آهي.
ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ايف بي آر ملڪي معيشيت ۾ ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿي، ايف بي آر جي ڊيجيٽائزيشن حڪومت جي اهم معاشي سڌارن ۾ هڪ اهم قدم جي حيثيت رکي ٿي.
سندس چوڻ هو ته اوڳاڙين ۾ بهتري سان عوام کي سروسز جي فراهمي ۽ سوشل سيڪٽر ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ايف بي آر جو انفورسمينٽ سسٽم بهترين بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، ايف بي آر جي انفورسمينٽ سسٽم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ بابت گڏيل حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي، خانگي شعبي کي هٿي وٺرائڻ حڪومتي ترجيحن ۾ شامل آهي، فعال ۽ خوشحال خانگي شعبو ملڪي معيشيت لاءِ انتهائي ضروري آهي.- Advertisement -
