- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ايس آءِ ايف سي جي ايپڪس ڪميٽيءَ جو اجلاس ڇنڇر ڏينهن طلب ڪري ورتو آهي، پر ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي ناهي گهرايو ويو.
وزيراعظم شهبازشريف خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ايس آءِ ايف سي جي ايپڪس ڪميٽيءَ جو اجلاس طرف ڪري ورتو آهي، جيڪو منجهند پوڻي ٻارهين وڳي وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندو.
اجلاس ۾ پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن کي گهرايو ويو آهي، پر ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي ناهي گهرايو ويو.
ايس آءِ ايف سي جي ايپڪس ڪميٽي اجلاس ۾ سڌ سماءَ، ناڻي، بچاءَ، رٿابندي، واپار ۽ قانون وارا وزير به شرڪت ڪندا.
نائب وزياعظم اسحاق ڊار به ايس آءِ ايف سي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، جڏهن ته چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين کي به اجلاس ۾ گهرايو ويو آهي.- Advertisement -
