- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف عمري جي ادائگي لاءِ اڄ سعودي عرب روانو ٿيندو.
وفاقي وزير عطا تارڙ جو چوڻ آهي ته وزيراعظم اهو پهريون پرڏيهي دورو آهي، شهباز شريف سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪندو، ان موقعي تي مختلف پراجيڪٽس بابت ڳالهه ٻولهه به ٿيندي.
سندس چوڻ آهي ته شهباز شريف جي سعودي دوري دوران مختلف ترقياتي پراجيڪٽس کي قطعي شڪل ڏني ويندي.
هن چيو ته ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف، سعودي ولي عهد محمد بن سلمان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏيندو.
سـڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ تارڙ جو وڌيڪ چوڻ آهي ته وزيراعظم ۽ وفد جا ميمبر سفري خرچ پاڻ بردشت ڪندا.
- Advertisement -
