- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف ملڪي مضبوط معاشي ترقي جي منصوبي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار کي ست رڪني ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف ملڪي مضبوط معاشي ترقي جي منصوبي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي.
نوٽيفڪيشن موجب، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار کي ست رڪني ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي ۾ رٿابندي وارو وزير احسن اقبال، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اقتصادي معاملن وارو وزير، سڌ سماءَ وارو وزير، روينيو ۽ تونائي وارو مملڪتي وزير ۾ شامل آهن، جڏهن ته ايس آءِ ايف سي جو نيشنل ڪوآڊينيٽر به ڪميٽي ميمبرن جو حصو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، ڪميٽي برطانوي اڪنامسٽ اسٽيفن ڊرڪن جي تجويز ڪيل معاشي پلان جو جائزو وٺندي، ڪميٽي معاشي پلان جو مسودو ۽ مختلف شعبن جو جائزو وٺي رپورٽ ڏيندي.
برطانوي معيشت دان به راءِ ڏيڻ لاءِ دستياب هوندو، ڪميٽي وڌيڪ ميمبرن جي مقرري ڪري سگهي ٿي جڏهن ته ناڻي واري ڊويزن خصوصي ڪميٽي جي سيڪريٽريٽ جو ڪردار ادا ڪندي…………- Advertisement -
