- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چين جي تاريخي ورثي ٽيرا ڪوٽا واريئر ميوزم جو دورو ڪيو آهي، سندس چوڻ آهي ته چين پنهنجي محنت سان هر شعبي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، عظيم قومون چين وانگر جيان پنهنجي تاريخي ورثي جي حفاظت ڪنديون آهن، پاڪستان تاريخي ۽ ثقافتي ورثي سان مالا مال آهي.
وزيراعظم شهباز شريف، وفد سان گڏ چين جي تاريخي ورثي ٽيرا ڪوٽا واريئر ميوزم جو دورو ڪيو.
وفاقي وزير خواجا آصف، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، عطا تارڙ، مصدق ملڪ، اويس خان لغاري ۽ راڻا تنوير به دوري دوران وزيراعظم سان گڏ هئا.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفد کي تاريخي ورثي جي حفاظت، بحالي ۽ سياحت کي هٿي وٺرائڻ بابت بريفنگ ڏني وئي.
وزيراعظم شهباز شريف ميوزم جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ قديم چيني تاريخي ورثي جي خوبصورتي ۽ چيني هنر جي ساراهه ڪئي.
ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته چين پنهنجي محنت سان هر شعبي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، عظيم قومون چين وانگر جيان پنهنجي تاريخي ورثي جي حفاظت ڪنديون آهن، پاڪستان تاريخي ۽ ثقافتي ورثي سان مالا مال آهي- Advertisement -
