وزيراعظم شهبازشريف ٽيڪس نه ڏيندڙن ۽ ٽيڪس چورن خلاف هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جو فيصلو

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف ٽيڪس نه ڏيندڙن ۽ ٽيڪس چورن خلاف هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير محمد اورنگزيب، احد چيما، جهانزيب خان، ايف بي آر چيئرمين ملڪ امجد زبير ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي راهه ۾ رنڊڪن جي نشاندهي ۽ ذميوارن جو پتو لڳائڻ لاءِ انڪوائري ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. انڪوائري ڪميٽي ستن ڏينهن اندر ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي مڪمل فعال ٿيڻ جي راهه ۾ رنڊڪن ۽ ٽيڪس چوري ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي ڪندي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڪميٽي ڪارخانن ۾ ٽيڪس جي خودڪار نظام لاءِ ايندڙ حڪمت عملي بابت تجويزون ڏيندي. شهبازشريف چيو ته تماڪ، کنڊ، سيمينٽ ۽ ڀاڻ جي صعنت ۾ ٻن ورهين دوران ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم بحال ٿيڻ گهرجي ها، انهن چئني شعبن کانسواءِ ٻين اهم شعبن ۾ به ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لڳايو وڃي. وزيراعظم چيو ته ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪرڻ ۾سموريون رنڊڪون ختم ڪيون وڃن. هوڏانهن وزيراعظم جي صدارت هيٺ ايف بي آر ٽيڪس نيٽ کي وسيع ۽ ريٽيلرز اسڪيم تي به اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، ناڻي واري سيڪريٽري ۽ ايف بي آر عملدارن  کيس بريفنگ ڏني. ناڻي واري وزير، شهبازشريف کي ريٽيلرز لاءِ لانچ ڪيل اسڪيم بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم معاشي ٽيم کي ٽيڪس نيٽ وسيع ۽ ريٽيلرز جي رجسٽريشن مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
36%
1.9m/s
0%
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون