- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف سان بنگلاديش عبوري حڪومت جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر ڊاڪٽر محمد يونس ملاقات ڪئي.
قاهرا ۾ ڊي ايٽ سربراهي اجلاس دوران ملاقات دوران پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي غور ويچار ڪيو ويو.
ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رابطن تي ڳالهيون ڪيون.
ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي سهڪار خاص ڪري واپار، عوام وچ ۾ رابطن ۽ ثقافتي شعبن ۾ رابطن جي خواهش ظاهر ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف اقتصادي سهڪار جا نوان رستا ڳولڻ لاءِ گڏيل ڪوششون شروع ڪرڻ، ڪيميڪلز، سيمينٽ ڪلينڪرز، طبي اوزارن، چمڙي جي مصنوعات ۽ آءِ ٽي سيڪٽر جهڙن شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ وسيع امڪان مان فائدو حاصل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.
وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ واپار ۽ سفر جي سهولتن لاءِ تازن قدمن تي بنگلاديش جا ٿورا مڃا.
بنگلاديش طرفان پاڪستان مان ايندڙ سامان جي 100 سيڪڙو فزيڪل معائني جي شرط ختم ڪرڻ ۽ ڍاڪا هوائي اڏي تي خاص سڪيورٽي ڊيسڪ ختم ڪئي وئي آهي.
ملاقات ۾ وزيراعظم شهباز شريف ويزا جا درخواست ڏيندڙن لاءِ اضافي ڪليئرنس جو شرط ختم ڪرڻ تي بنگلاديش جا ٿورا مڃا.- Advertisement -
