وفاقي بجيٽ 12 جون تي پيش ڪئي ويندي، جنهن جو مجموعي ڪاٿو 18 هزار ارب رپين جو هوندو

- Advertisement -
وفاقي بجيٽ 12 جون تي پيش ڪئي ويندي، جنهن جو مجموعي ڪاٿو 18 هزار ارب رپين جي لڳ ڀڳ هوندو. وفاقي حڪومت طرفان ايندڙ مالي سال 25-2024ع لاءِ وفاقي بجيٽ 12 جون تي وفاقي ڪابينا جي منظوري بعد پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي ويندي. وفاقي ڪابينا جي خاص اجلاس ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ اضافي جو به فيصلو ڪيو ويندو. 10 جون تي وزيراعظم جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ ايندڙ مالي سال لاءِ پي ايس ڊي پي ۽ سالياني ترقياتي منصوبي جي منظوري ڏني وئي. ناڻي واري وزارت جي اختيارين جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جي چين جي دوري سبب وفاقي بجيٽ پيش ڪرڻ جي تاريخ تبديل ڪئي ويئ آهي. وزيراعظم جي واپسي بعد قومي اقتصادي سروي 11 جون تي پيش ڪئي ويندي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
32.4 ° C
32.4 °
32.4 °
16%
5m/s
3%
آچر
32 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون