- Advertisement -
ٽنڊي غلام حيدر ڀرسان ڳلي ۾ سوپاري ڦاسڻ سبب ڇهن ورهين جو معصوم ٻارڙو فوت ٿي ويو.
ڳوٺ گاگني ڪولهي ۾ ڇهن ورهين جو معصوم ٻارڙي وجئي پٽ راجو ڪلوهي کي ڳلي ۾ سوپاري ڦاسي پئي.
وارثن نينگر کي بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
وارث اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش کڻائي گهر پهتا ته ڪهرام مچي ويو.
وارثن ٻڌايو ته نينگر وجئي ڳلي ۾ سوپاري ڦاسڻ سبب بيهوش ٿي ويو، کيس اسپتال منتقل ڪيو پر هو فوت ٿي ويو- Advertisement -
