- Advertisement -
ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص چيو آهي ته پاٿاريدارن ۽ ڌاڙيلن جي مدد ڪندڙن جون فهرستون تيار ڪيون وڃن.
ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل اطهر وقاص پاران ڪچي جي علائقن جو دورو ڪيو ويو.
علائقي جي سيڪٽر ڪمانڊر پاران ڊي جي رينجرز سنڌ کي هلندڙ آپريشن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته مارچ 2024ع کان جاري آپريشن دوران 127 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گڏيل طور 122 آپريشنز دوران 329 ڌاڙيل ۽ ڏوهي ماڻهن کي گرفتار ڪري هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪئي وئي.
آپريشن جي نتيجي ۾ 109 مغوين کي به بازياب ڪرايو ويو.
ڊي جي رينجرز سنڌ پاران هدايتون ڪيون ويون ته موٽر وي ۽ انڊس هاءِ وي تي گشت وڌائڻ ۽ چيڪ پوسٽون وڌيڪ فعال ڪيون وڃن.
ڊي جي رينجرز سنڌ پاران ڪچي ۾ پوليس سان گڏ ڌاڙيلن خلاف آپريشن آخري انجام تائين پهچائڻ جون هدايتون ڏنيون ويون.
ڊي جي رينجرز جو چوڻ هو ته پاٿاريدارن ۽ ڌاڙيلن جي مدد ڪندڙن جون فهرستون تيار ڪيون وڃن..- Advertisement -
