پاڪستان جي مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري جا وڌا موقعا آهن : ڄام ڪمال

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته پاڪستان جي مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري جا وڌا موقعا آهن، سعوديه کان فارما، سرجيڪل ۽ اسپورٽس ۾ سهڪار جي به وڏي صلاحيت آهي، پاڪستان سعودي مارڪيٽ ۾ پنهنجي موجودگي وڌائڻ چاهي ٿو، پاڪستان سعودي عرب کي چانور، گوشت، فروٽ، سبزي ۽ مڇي اماڻيندو آهي.

اسلام آباد ۾ پاڪستان سعودي عرب بزنس فورم کي خطاب ڪندي ڄام ڪمال چيو ته هو سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير جي قيادت ۾ وفد کي ڀليڪار ڪن ٿا، پاڪستان سعودي مارڪيٽ ۾ پنهنجي موجودگي وڌائڻ چاهي ٿو.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا ڪيترائي موقعا آهن، سعودي عرب پاڪستان لاءِ اهم واپاري ڀائيوار آهي ۽ هن فورم جو مقصد مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ آهي.

واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال چيو ته سعودي عرب زراعت، ڪوئلي جي کاڻ جي کوٽائي ۽ انفارميشن ٽيڪنالي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪندو.

هن چيو ته سعودي ولي عهد جو 2030ع ويزن ساراهه جوڳو آهي، پاڪستان واپار کي هٿي وٺرائڻ ۾ سعودي بادشاهه جي ويزن 2030ع ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.

واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ويزن 2030ع سعودي عرب جي معيشيت ۾ هٿي وٺرائڻ جو اهم منصوبو آهي، پاڪستاني ڪاروبار سعودي عرب جي ويزن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.4 ° C
26.4 °
26.4 °
36%
6.6m/s
1%
سُومر
26 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °
خميس
31 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون