- Advertisement -
چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته پاڪستان عام چونڊن ۾ پرڏيهي مبصرن لاءِ اوپن ڊور پاليسي اختيار ڪئي آهي، مجموعي طور تي هڪ سئو کان وڌيڪ عالمي مبصر چونڊن جي جائزي لاءِ ملڪ ۾ موجود آهن.
چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا سان پاڪستان جي دوري تي پهتل ڪامن ويلٿ گروپ جي مبصرن ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن، اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري ۽ ٻين به شرڪت ڪئي.
ملاقات دوران چيف اليڪشن ڪمشنر ڪامن ويلٿ آبزرور گروپ کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار ڪيو.
هن چيو ته گروپ پاران 8 فيبروري تي چونڊن جي جائزي لاءِ 5 رڪني وفد موڪلڻ تي ٿورائتا آهن.
چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو ته پاڪستان عام چونڊن ۾ پرڏيهي مبصرن لاءِ اوپن ڊور پاليسي اختيار ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته مجموعي طور تي هڪ سئو کان وڌيڪ عالمي مبصر چونڊن جي جائزي لاءِ ملڪ ۾ موجود آهن.
چيف اليڪشن ڪمشنر وفد کي پاڪستان ۾ چونڊن جي تيارين بابت آگاهه ڪيو.
ڪامن ويلٿ آبزرور گروپ 8 فيبروري تي عام چونڊون پرامن طريقي سان ڪرائڻ وارين تيارين جي واکاڻ ڪئي.- Advertisement -
