آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان قطر سان لاڳاپن کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿو، هو دفاعي ۽ سڪيورٽي سهڪار وڌائڻ جا خواهشمند آهن.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير سان قطر جي هٿياربند فج جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل پائلٽ سالم حمد عقيل البنيط جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن ۽ علائقائي سلامتي تي ڳالهيون ڪيون ويون.
آرمي چيف جو چوڻ هو ته پاڪستان قطر سان لاڳاپن کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿو، هو دفاعي ۽ سڪيورٽي سهڪار وڌائڻ جا خواهشمند آهن.
قطري هٿياربند فوج جي سربراهه خطي ۾ امن لاءِ پاڪ فوج جي مسلسل ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب هٿياربند فوجن جي سربراهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ بهتر لاڳاپا جاري رکڻ جو عزم ورجايو..
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.5
°
C
19.5
°
19.5
°
14%
2.5m/s
0%
اربع
18
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°


