تازه ترين

پاڪستان مسلم ليگ نون راولپنڊي، فيصل آباد، ساهيوال، گجرانوالا، سرگوڌا، ملتان، بهاولپور، ڊيره غازي خان ڊويزنن جي قومي ۽ صوبائي تڪن جي اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
پاڪستان مسلم ليگ نون راولپنڊي، فيصل آباد، ساهيوال، گجرانوالا، سرگوڌا، ملتان، بهاولپور، ڊيره غازي خان ڊويزنن جي قومي ۽ صوبائي تڪن جي اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو. مسلم ليگ نون جي سينٽرل اليڪشن سيل جي چيئرمين اسحاق ڊار طرفان پارٽي جي قومي ۽ صوبائي تڪن جي ٽڪيٽ هولڊرن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو،ٽڪيٽ جاري ٿيندڙ اميدوارن جي فهرست ۾ دانيال عزيز جو نالو شامل نه آهي. لاهور کان علاوه شيخوپورا، ننڪانه صاحب ۽ قصور جي اميدوارن جو به اعلان ڪيو ويو ، اسلام آباد جي تڪ اين ايم 46 تان انجم عقيل خان ۽ اين اي 48 تان ڊاڪٽر فضل چوڌري کي مسلم ليگ نون جو اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي. اين اي 50 تي ملڪ سهيل، اين اي 51 تي راجا اسامه سرور، اين اي 52  تي راجا جاويد اخلاص، اين اي 53 تي راجا قمر الاسلام، اين اي 55 تي ملڪ ابرار احمد ۽ اين اي 56 تي حنيف عباسي کي ٽڪيٽ جاري ڪيو ويو آهي. اين اي 57  تي دانيال چوڌري، اين اي 58 طاهر اقبال ۽ اين اي 59 تي سردار غلام عباس ن ليگ جو اميدوار هوندو. اين اي 62 تي چوڌري عباس رضا، اين اي 63 تي غضنفر علي گل، اين اي 65 چوڌري نصير احمد سڌو، اين اي 66 چوڌري نثار چيمه، اين اي 67 سائره افضل تارڙ، اين اي 68 تي مشاهد رضا، اين اي 69 تي ناصر اقبال بوسال، اين اي 70 ۾ چوڌري ارمغان سبحاني، اين اي 71 ۾ خواجا محمد آصف، اين اي 72 تي علي زاهد، اين اي 73 تي  نوشين افتخار ۽ اين اي 74 تي رانا شميم احمد خان کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه اين اي 75 تي چوڌري انوارالحق، اين اي 76 احسن اقبال، اين اي 77 تي چوڌري بشير ورڪ، اين اي 78 تي خرم دستگير، اين اي 79 ذوالفقار ڀنڊار، اين اي 80 شاهد عثمان ۽ اين اي 81 تي اظهر قيوم نهرا اميدوار هوندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24 ° C
24 °
24 °
13 %
0.6kmh
4 %
اڱارو
25 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون