تازه ترين

پاڪستان ڀارتي پرڏيهي وزير جئه شنڪر جي چڙ ڏياريندڙ بيانن کي رد ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
پاڪستان ڀارتي پرڏيهي وزير جئه شنڪر جي چڙ ڏياريندڙ بيانن کي رد ڪري ڇڏيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي جو چوڻ آهي ته ڀارت ڪوڙي واويلا ذريعي حقيقتن کي ميساري نه ٿو سگهي، پاڪ فوج ملڪي حفاظت لاءِ پرعزم آهي، ڀارتي پرڏيهي وزير جئه شنڪر جي الزامن ۾ ڪابه صداقت ناهي، ڀارت خطي ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي طاهر اندرابي چيو ته انڊونيشيا جي صدر جي دوري دوران 8 معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون، صحت ۽ حلال خوراڪ سميت ٻين شعبن ۾ سهڪار بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي. سندس چوڻ هو ته انڊونيشيا جي صدر، فيلڊ مارشل سان به ملاقات ڪئي، گڏيل پڌرائي ۾ پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي 75 سالن جي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جو وچن ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته هو ڀارتي پرڏيهي وزير جي چڙڏياريندڙ بيان کي رد ڪن ٿا، ڀارت ڪوڙي واويلا ذريعي حقيقتن کي ميساري نه ٿو سگهي. طاهر اندرابي چيو ته پاڪ فوج ملڪي حفاظت لاءِ پرعزم آهي، ڀارتي پرڏيهي وزير جئه شنڪر جي الزامن ۾ ڪابه صداقت ناهي، ڀارت خطي ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي. هن چيو ته نائب وزيراعظم، ايران جي پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، ڌرين ۾ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ سهڪار بابت ڳالهيون ڪيون ويون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان پرامن اجتماعي بقا تي يقين رکي ٿو، پاڪستان پنهنجي قومي مفاد ۽ خودمختاري جو هر صورت ۾ دفاع ڪندو. طاهر اندرابي چيو ته نائب وزيراعظم سعودي عرب جي پرڏيهي وزير سان به ٽيليفون تي رابطو ڪيو، جنهن دوران غزا جي صورتحال بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
16.9 ° C
16.9 °
16.9 °
85 %
5.1kmh
81 %
ڇنڇر
22 °
آچر
30 °
سُومر
29 °
اڱارو
29 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون