- Advertisement -
پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان ٽي ٽي پي جا حملا روڪڻ لاءِ افغان حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم جو چوڻ آهي افغانستان ۾ پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي مالياتي ذريعن جي نشاندهي ڪئي وڃي.
هن چيو ته افغان عبوري حڪومت کان مطالبو ڪيو وڃي ته ٽي ٽي پي سان تعلق ختم ڪري، ٽي ٽي پي کي پاڪستان ۾ حملن کان روڪڻ لاءِ افغان حڪومت تي دٻاءُ وڌو وڃي.
منير اڪرم جو چوڻ هو ته سڀني کي خبر پوڻ گهرجي ته ٽي ٽي پي جديد عسڪري سامان ڪيئن ۽ ڪٿان حاصل ڪري رهي آهي.- Advertisement -
