تازه ترين

پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ دهشتگردي، منشيات جي خاتمي ۽ سڪيورٽي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ بابت اتفاق

- Advertisement -
پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ دهشتگردي، منشيات جي خاتمي ۽ سڪيورٽي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ بابت اتفاق ڪيو ويو. آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم گهرو وزارت جو دورو ڪيو، جتي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، ڊونلڊ بلوم جو آڌرڀاءُ ڪيو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ دهشتگردي، منشيات جي خاتمي ۽ سڪيورٽي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ بابت اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته گڏيل ڀائيواري سان آڪٽوبر ۾ لا انفورسمينٽ ڊائيلاگ ڪرايو ويندو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي وڌائڻ ۾ آمريڪي سهڪار انتهائي ضروري آهي، گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ گهرو وزارت ڀرپور سهڪار ڪندي. سندس چوڻ هو ته نيويارڪ جي تازي دوري دوران اسلام آباد پوليس ۽ نيو يارڪ پوليس وچ ۾ سهڪار وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي، گڏيل سهڪار جي موقعن مان فائدو کڻڻ لاءِ اسلام آباد پوليس جو وفد جلد نيويارڪ جو دورو ڪندو. وفاقي گهرو وزير چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ سڀني اقليتن کي آئين تحت برابري جا حق حاصل آهن، اقليتن جو تحفظ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ ان حوالي سان هر ممڪن قدم کنيا ويا آهن، جڙانوالا سانحي جي سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون آڏو پيش ڪيو ويو آهي. محسن نقوي چيو ته آمريڪا ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ ڪرائڻ ڪامياب رهيو، بهترين انتظام ڪيا ويا، آمريڪا انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي نئين منزل بڻجي ويو آهي، پاڪستان، آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي ٽه ملڪي سيريز، آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ ڪرڪيٽ ليگ ڪرائڻ تي ڪم ڪري رهيا آهن. آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جو چوڻ هو ته مداحن جي وڏو انگ دلچسپ ۽ سنسني خيز ميچن مان لطف اندوز ٿيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
32.6 ° C
32.6 °
32.6 °
7 %
10kmh
0 %
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °
سُومر
33 °

تازه ترين خبرون