- Advertisement -
پاڪستان ۽ ترڪيءَ هٿياربند فوجن وچ ۾ فوجي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ترڪ بري فوج جي ڪمانڊر ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر موجب ٻنهي اڳواڻن، تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته آرمي چيف هٿياربند فوج وچ ۾ فوجي سهڪار وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريو.
ترڪ فوج جي ڪمانڊر خطي ۾ امن ۽ استحڪام يقيني بڻائڻ ۾ پاڪ فوج جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.
ان کان اڳ جي ايڇ ڪيو آمد تي ترڪ فوجي ڪمانڊر شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري فاتحه پڙهي، جڏهن ته پاڪ فوج جي دستي ترڪ ڪمانڊر کي گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو.- Advertisement -
