- Advertisement -
پاڪستاني سامونڊي فوج جي جنگي حڪمت عملي ڀارتي نيوي کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو.
50 جنگي جهازن ۽ اٺن نون جديد آبدوزن جو سوچي ڀارتي نيول چيف جي پريشانين ۾ اضافو ٿي ويو.
پاڪ چين دوستي سان گڏ ترڪيه ۽ بنگلاديش وچ ۾ پاڪستان جا لاڳاپا به ڀارت جي اک ۾ کنڊو بڻجي ويا آهن.
ڀارتي سامونڊي فوج جي ڏهاڙي کان پهريون پريس ڪانفرنس ۾ ڀارتي نيول چيف پاڪستاني سامونڊي فوج جي وڌندڙ صلاحيتن جو ذڪر ڪندو رهيو.
ڀارتي سامونڊي فوج جي سربراهه دنيشل ٿرپاٺي چيو ته پاڪستاني سامونڊي فوج چين جي حمايت سان حيرت جوڳي ترقي ڪري رهي آهي.
هن چيو ته ڀارتي سامونڊي فوج پاڙيسرين جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي ٺاهڻ تي مجبور آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستاني سامونڊي فوج جي حيران ڪندڙ ترقي ۽ چين سان سهڪار سان ڪيترن ئي جنگي جهازن جي تياري کان آگاهه آهن.
ايڊمرل ترپاٺي چيو ته چين جو امدادي سهڪار ثابت ڪري ٿو ته هو پاڪستان جي سامونڊي صلاحيتن کي مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي.- Advertisement -
