تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

پاڪستاني نوجوان سان محبت ۾ آمريڪا کان ڪراچي آيل عورت اونيجا اينڊريو رابنسن چئن مهينن کانپوءِ واپس وطن رواني ٿي ويئي

- Advertisement -
پاڪستاني نوجوان سان محبت ۾ آمريڪا کان ڪراچي آيل عورت اونيجا اينڊريو رابنسن چئن مهينن کانپوءِ واپس وطن رواني ٿي ويئي. آمريڪي  عورت غير ملڪي ايئر لائن جي اڏام اِي ڪي 603 ذريعي دبئي رواني ٿي ويئي، جتان هوءَ آمريڪا  ويندي. نيويارڪ جي رهواسڻ اونيجا اينڊريو رابنسن 11 آڪٽوبر تي نوجوان جي محبت ۾ پاڪستان جي هڪ مهيني جي سياحتي ويزا تي ڪراچي آئي هئي، ويزا ختم ٿيڻ تي عورت کي 10 نومبر تائين ڪراچي  مان وڃڻو هو پر هوءَ واپس نه وئي ۽ ڪيترائي مهينا ڪراچي ۾ دربدر رهي. آمريڪي عورت گارڊن ۾ مبينا  دوست جي گهر ٻاهران  پهتي ۽ ڪجهه ڏينهن اُتي رهڻ بعد هڪ فلاحي اداري کيس پناهه ڏني، جنهن دوران سندس طبيعت خراب ٿيڻ تي کيس جناح اسپتال جي  خاص وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو، جتي عورت کي باءِ پولر ڊس آرڊر جي تشخيص ٿي. جناح اسپتال ۾ علاج بعد آمريڪي  عورت کي جمعي جي شام سفر لاءِ فٽ قرار ڏيئي اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو. اونيجا کي او پي  ڊي جون ريگولر دوائون ڏيئي پوليس جي تحويل ۾ اسپتال کان ڪراچي ايئرپورٽ روانو ڪيو ويو. ان کان اڳ آمريڪي قونصليٽ جي عملي اونيجا جي اسپتال ۾ عيادت دوران کيس وطن واپسي تي راضي ڪيو ۽ آمريڪي قونصل خاني طرفان ئي عورت لاءِ ٽڪيٽ جو بندوبست ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.8 ° C
18.8 °
18.8 °
17 %
4.4kmh
0 %
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
30 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون