تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پنجاب ۾ هڪ پروپيگنڊا تحت ڊيڄاريو ويندو آهي ته سنڌ ۾ ڪوبه ترقياتي ڪم ناهي ٿيو: گورنر پنجاب

- Advertisement -
پنجاب جي گورنر سليم حيدر چيو آهي ته پنجاب ۾ پ پ کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، شهيد ذوالفقار ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جو مشن نه ڇڏڻ تي سنڌ جي عوام کي سلام آهي. پنجاب جي گورنر سليم حيدر سيوهڻ پهچي قلندر لعل شهباز جي درگاهه تي حاضري ڀري ملڪ جي سلامتي لاءِ دعا گهري. ميڊيا سان ڳالهائيندي پنجاب جي گورنر جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ هڪ پروپيگنڊا تحت ڊيڄاريو ويندو آهي ته سنڌ ۾ ڪوبه ترقياتي ڪم ناهي ٿيو پر هتي اچي ڏٺو ته سنڌ حڪومت وڏي وزير مراد شاهه جي قيادت ۾ وڏا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن. سندس چوڻ هو ته ايندڙ 5 سالن ۾ پيپلز پارٽي اڳ کان به وڌيڪ ترقياتي ڪم ڪرائڻ جو ارادو رکي ٿي. سليم حيدر جو چوڻ هو ته  پنجاب ۾ پيپلز پارٽي ڪمزور آهي، ان کي مضبوط بڻائڻ لاءِ محنت ڪري رهيا آهيون. پنجاب جي گورنر جو چوڻ هو ته وڏي وزير مراد علي شاهه جي نگراني ۾ سنڌ صوبو 5 سالن ۾ گهڻي ترقي ڪندو. سندس چوڻ هو ته هاڻي پاڻي جي کوٽ جو مسئلو ڪنهن حد تائين گهٽجي ويو آهي، جيترو ٿي سگهيو بهتر جي ڪوشش ڪندس.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
22 %
2.5kmh
96 %
جمعو
26 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون