پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي جيڪا عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي: حاجي شير محمد مغيري

- Advertisement -
صوبائي اسيمبليءَ جي تڪ پي ايس هڪ جيڪب آباد تي پ پ اميدوار حاجي شير محمد مغيري چيو آهي ته پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي جيڪا عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي، هو هاڻي به ان جذبي سان عوام وٽ آيا آهن. پي ايس هڪ جيڪب آباد تي پ پ اميدوار حاجي شير محمد مغيري چونڊ مهم جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو. رات دير سان شهر جي اليڪٽرانڪ مارڪيٽ ۾ پ پ اميدوارن مير اعجاز حسين جکراڻي ۽ شير محمد مغيري جي حمايت ۾ جلسو ڪيو ويو. جلسي  ۾ اليڪٽرانڪ مارڪيٽ جي دڪاندارن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي استاد سليم عباسي، محمد رمضان گولو، استاد گل راجا گولو پ پ اميدوارن تي گلن جي ورکا ڪري آجيان ڪئي. پي ايس هڪ جيڪب آباد تي پ پ اميدوار حاجي شير محمد مغيري چيو ته پيپلز پارٽي عوام جي خدمت تي يقين رکي هو هاڻي به ان جذبي سان اوهان وٽ آيا آهن. ان موقعي تي دڪاندارن يقين ڏياريو ته 8 فيبروري تي تير تي ٽپا هڻي پ پ جي سڀني اميدور کي ڪامياب ڪرائيندا. وارڊ 5 ڏنگر پاڙي ۾ پ پ اميدوارن مير اعجاز حسين جکراڻي ۽ شير محمد مغيري جي حمايت ۾ جلسو ڪرايو ويو جنهن عوام وڏي شرڪت ڪري پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي ڪامياب ڪرائڻ جو وچن ڪيو………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.5 ° C
28.5 °
28.5 °
16%
0.6m/s
0%
اڱارو
29 °
اربع
30 °
خميس
31 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
28 °

تازه ترين خبرون