تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پيپلز پارٽي واعدا پورا ڪرڻ تي عمل ڪري رهي آهي،مرتضيٰ وهاب

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پيپلز پارٽي واعدا پورا ڪرڻ تي عمل ڪري رهي آهي، عوامي مسئلن جي حل لاءِ واضح رٿا بندي ڪئي، اختيارن بابت روئڻ ۽ پٽڻ بدران منصوبن تي مڪمل ڪيو پيو وڃي، ايندڙ 60 ڏينهن اندر وڌيڪ ڪيترن ئي منصوبن کي مڪمل ڪيو ويندو.

ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب گلستان جوهر انڊر پاس جو افتتاح ڪري ڇڏيو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته پيپلز پارٽي هميشه خدمت ۾ سڀني کان اڳتي رهي، پيپلز پارٽي واعدا پورا ڪرڻ تي عمل ڪري رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته ضيا محي الدين فلاءِ اوور جو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري افتتاح ڪيو هو، اڄ هتي هڪ ڏهائي هڪ ڪلو ميٽر ڊگهي انڊر پاس جو افتتاح ڪيو ويو، ڪي اليڪٽرڪ جي ٿنڀن جو ڪم جلد مڪمل ڪيو ويندو.

ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته ايندڙ 60 ڏينهن اندر وڌيڪ ڪيترن ئي منصوبن کي مڪمل ڪيو ويندو، پيپلز پارٽي خدمت جي سياست تي يقين رکي ٿي.

هن چيو ته هو شهرين جي مسئلن جي حل ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن، رڳو ربن ناهن ڪاٽيندا ڪم ڪرڻ تي يقين رکن ٿا. ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته پيپلز پارٽي بنا فرق جي عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي، عوامي مسئلن جي حل لاءِ واضح رٿا بندي ڪئي، اختيارن بابت روئڻ ۽ پٽڻ بدران منصوبن تي مڪمل ڪيو پيو وڃي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
29.2 ° C
29.2 °
29.2 °
15 %
5.4kmh
29 %
اربع
29 °
خميس
28 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون