- Advertisement -
پيپلزپارٽيءَ ۽ جي يو آءِ 26هين آئيني ترميم لاءِ گڏيل مسودي تي اتفاق ڪري ورتو، بلاول ڀٽو زرداري چوڻ آهي ته هو اتفاقِ راءِ سان ترميم پاس ڪرائڻ چاهن ٿا، اميد ته ن ليگ به اتفاق راءِ پيدا ڪندي، آئين ۾ ترميم ڪنهن شخص لاءِ ناهي، کين عوامي مسئلن جو حل ڪڍڻو آهي، مولانا فضل الرحمان چيو ته غيرتڪراري قانوسازي چاهيون ٿا، اميد ته پارليامينٽ ۾ گڏيل مسودو پيش ڪيو ويندو، ن ليگ قيادت سان به ملاقات ٿيندي.
پ پچيئرمين بلاول ڀٽو زداريءَ جي يو آءِ سربراهه سان ملاقات ڪئي، جيڪا ٽن ڪلاڪن کان وڌيڪ جاري رهي.
ملاقات دوران 26هين آئيني ترميم تي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ گڏيل مسودو آڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
اهم ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته کين غير تڪراري آئيني ترميم ڪرڻي آهي، پ پ ۽ جي يو آءِ آئيني ترميم جي مسودي تي اتفاق ڪري ورتو آهي.
هن چيو ته اميد ته پارليامينٽ مان منظور ٿيندڙ مسودو سندن ئي هجي، حڪومت جيڪو مسودو ڏنو اهو اڳ به قبول نه ڪيو هاڻي به قبول ناهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئيني ترميم ڪنهن به اڪيلي فرد لاءِ ناهي، نه ئي وقت جو ڪو مسئلو آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته اميد ته نوازشريف سان به مسودي تي اتفاق ٿي ويندو.
ان موقعي تي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته سموري ايوان کي آئيني ترميم تي راضي ڪيو ويندو.
هن چيو ته نوازشريف سان به ملاقات ٿيندي، پي ٽي آءِ قيادت سان به گڏجاڻي رٿيل آهي، اتفاق راءِ ۾ بلاول ڀٽو زرداريءَ جو وڏو ڪردار آهي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته سموري ايوان کي آئيني ترميم جي مسودي تي راضي ڪيو ويندو.- Advertisement -
