ڄامشوري جي ڳوٺ ۾ ڊائريا وبائي صورت اختيار ڪري وئي، 9 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا

- Advertisement -
ڄامشوري جي ڳوٺ ۾ ڊائريا وبائي صورت اختيار ڪري وئي، 9 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا، جڏهن ته علائقي ۾ ايمرجنسي ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪئي وئي آهي. ديهه مول جي ڳوٺ فيض محمد ۾ ڊائريا وبائي صورت اختيار ڪري وئي. عورتن ۽ ٻارڙن سميت 9 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترن ئي مريضن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ مختلف اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. فوتين ۾ 13ورهين جي سڪينزه، 5 ورهين جي نازيا، 6 ورهين جي ڪريمه، 9 ورهين جو مجيد، 21 ورهين جو مهر علي، 55ورهين جي سڪينا، ٻن ورهين جي بسمه، 21 ورهين جو عبدالڪريم ۽ پرينها شامل آهن. صحت کاتي ڄامشوري جون ٽيمون متاثر ڳوٺ ۾ پهچي ويون جتي ميڊيڪل ايمرجنسي ڪيمپ قائم ڪري علاج ۽ ٽيسٽون ڪيون پيون وڃن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
26.2 ° C
26.2 °
26.2 °
27%
4.7m/s
100%
خميس
26 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
34 °
آچر
33 °
سُومر
33 °

تازه ترين خبرون