- Advertisement -
ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اعليٰ قيادت جي خدشن باوجود آمريڪي صدر جو بائيڊن صدارتي چونڊن جي ڊوڙ مان نڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
آمريڪي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته صدر بائيڊن جي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي سبب ڊيموڪريٽ قيادت سندس جاءِ تي ٻيو صدارتي اميدوار آڻڻ تي غور ڪري رهي آهي.
بحث کانپوءِ ڊيموڪريٽڪ گروپ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي جڏهن ته جوبائيڊن واضع ڪيو آهي ته هو ريپبلڪن حريف ڊونلڊ ٽرمپ سان ايندڙ مباحثي جو منتظر آهي.
امريڪي اخبار موجب، پهرين مباحثي ۾ ڪجهه خامين سبب جو بائيڊن تي ڪجهه ڊيموڪريٽس پاران تنقيد ڪئي پئي وڃي ته هو ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اهل ناهي ۽ سندس عمر ان ڳالهه جي اجازت نٿي ڏئي ته هو ايندڙ چار ورهين تائين صدارتي ذميواريون نڀائي سگھندو.
پارٽي اڳواڻن طرفان اهو مطالبو سامهون آيو آهي ته جوبائيڊن جي جاءِ تي ڊيموڪريٽ پارٽي کي ڪنوينشن ۾ ڪنهن نئين ۽ مضبوط اميدوار کي اڳتي آڻڻ گھرجي، جڏهن ته بائيڊن واضع ڪيو آهي ته هو پاڻ ئي اميدوار رهندو.- Advertisement -
