تازه ترين

ڏڦيڙ واري سياست جو بنياد پي ٽي آءِ بانيءَ رکيو، ان جا سٺا نتيجا ناهن هوندا:عطا تارڙ

- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته عليمه خان ۽ بشريٰ بيبي پي ٽي آءِ تي قبضو ڪرڻ چاهن ٿيون،  بشريٰ بيبي ڪوڙو موقف ٺاهي رهي آهي، جنهن ۾ ڪا به حقيقت ناهي، تحريڪ انتشار ملڪ کي نقصان پهچائڻ واري سياست پئي ڪري، نفرت ۽ ورهائڻ واري سياست ڪندڙن جي پنهنجي پارٽي ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته ڏڦيڙ واري سياست جو بنياد پي ٽي آءِ بانيءَ رکيو، ان جا سٺا نتيجا ناهن هوندا. هن چيو ته نفرت ۽ ورهائڻ واري سياست ڪندڙن جي پنهنجي پارٽي ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي ۽ ان ۾ گروپ بندي ظاهر ٿي آهي. عطا تارڙ چيو ته عليمه خان جو بيان سامهون آيو آهي ته بشريٰ بيبي غلط ڄاڻ وارو سيل هلائي رهي هئي، عليمه گروپ ۽ بشريٰ گروپ پي ٽي آءِ موجود ڪيترن ئي گروپن مان ٻه گروپ آهن. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته عليمه خان بشريٰ بيبي جي بيان کي ڪوڙو قرار ڏنو، عليمه خان چيو ته همدردي وارو موقف ٺاهيو پيو وڃي جيڪو ڪوڙو آهي. عطا تارڙ چيو ته بشريٰ بيبي جيڪي ڳالهيون ڪيون اهي ڪوڙيون آهن، پارٽيءَ تي قبضي جي جگ ۾ ملڪ خلاف مهم هلائي ۽ ملڪي مفاد کي نقصان پهچايو پيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته ٻنهي عورتن جي جنگ اڳ کان هلي رهي آهي، بشريٰ بيبي پارٽيءَ کي گرفت مضبوط ڪرڻ چاهن پئي، پر عليمه خان سندس ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. عطا تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ جا غلط ڄاڻ پکيڙيندڙ سيل ملڪي  مفاد کي نقصان  پهچائي رهيا آهن ۽ تحريڪ انتشار ملڪ کي نقصان پهچائڻ واري سياست پئي ڪري. هن چيو ته پي ٽي آءِ معاشري کي ورهايو، ماڻهن کي وڙهايو، پر هاڻي پي ٽي آءِ پاڻ ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي، نفرت جي سياست جو  انجام سٺو ناهي هوندو. عطا تارڙ چيو ته علامه خان رئوف حسن کي چيو ته بشريٰ بيبي ڪوڙيون خبرون پکيڙي رهيون آهن، تحريڪ انتشار ۾ مختلف گروپ ٺهي ويا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.3 ° C
23.3 °
23.3 °
37 %
2.2kmh
7 %
آچر
22 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون