- Advertisement -
ڪراچي ايئرپورٽ ڀرسان چيني شهرين تي حملو آپگهاتي قرار، آپگهاتي حملي ۾ ٻن چيني شهرين سميت ٽن ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق ۽ ڌماڪي جي جاچ لاءِ خاص ٽيم قائم ڪئي وئي، جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حملي ۾ ننڍي ڪار استعمال ڪئي وئي، آپگهاتي بمبار قافلو نڪرڻ جو انتظار ڪندو رهيو، قافلو پهچندي ئي ڪار سوار پنهنجي گاڏي پرڏيهين جي گاڏي سان ٽڪرائي ڇڏي، آپگهاتي حملي ۾ ٻن چيني شهرين سميت 3 ڄڻا مارجي ويا آهن.
جاچ ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته حملي ۾ ننڍي ڪار استعمال ڪئي وئي، ڪار جي نمبر پليٽ ۽ انجڻ جو چيسز نمبر حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
جاچ ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪار سوار آپگهاتي بمبار قافلي جي نڪرڻ جو انتظار ڪري رهيو هو، قافلو ويجهو پهچڻ تي دهشتگرد ڪار پرڏيهين جي گاڏي سان ٽڪرائي ڇڏي، ڪار ۾ امڪاني طور بارودي مواد هو جنهن سبب گاڏي مڪمل تباهه ٿي وئي.
جاچ ذريعن موجب، ڌماڪي بعد پرڏيهين جي هڪ گاڏي کي ريورس ڪري محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ڌماڪي ۾ بارودي مواد استعمال ڪيو ويو هو جنهن سبب ڪيترين ئي گاڏين کي نقصان پهتو، گاڏين جا تفصيل حاصل ڪيا پيا وڃن.
ايئرپورٽ ويجهو ڌماڪي بابت خاص جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.
ڪميٽي ۾ بم ڊسپوزل اسڪواڊ، اوڀر، ڏکڻ ۽ اولهه پوليس جون ٽيمون شامل آهن جيڪي جاچ ڪنديون.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته آءِ جي سنڌ جي حڪم تي خاص ٽيم جوڙي وئي آهي.
ڪراچي ايئرپورٽ سگنل ويجهو ٿيل ڌماڪي ۾ ٻن چيني شهرين سميت 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 17 زخمي ٿي پيا هئا.- Advertisement -
