- Advertisement -
ڪراچيءَ ۾ اينٽي وهيڪل لفٽنگ سيل 16 ٿاڻن تي گهربل ڦوروءَ کي زخمي حالت ۾ ڪري ورتو.
ايس ايس پي اي وي ايل سي عرفان سمون جو چوڻ آهي ته نارٿ ناظم آباد واري علائقي ۾ ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو.
ايس ايس پي موجب، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڄڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو جنهن جي سڃاڻپ عبدالقادر چانڊئي طور ٿي، سندس قبضي مان پسٽل، گوليون ۽ ڦر ڪيل هاءِ روف هٿ ڪئي وئي.
ايس ايس پي عرفان سميَ موجب، زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار ڦر، ڌاڙن ۽ چورين جي ڪيترن ئي وارداتن م گهربل هو، وڌيڪ جاچ ڪئي ئي وڃي.- Advertisement -
