- Advertisement -
ڪراچيءَ جي شهرين لاءِ بجلي 2 رپيا 87 پيسا في يونٽ اضافو ڪيو ويو آهي.
نيپرا طرفان ڪي اليڪٽرڪ جي ٽيرف ۾ 2 رپيا 87 پيسا في يونٽ اضافي جي منظوري ڏني وئي.
بجلي جي اگهن ۾ قيمتن ۾ اضافو ٽه ماهي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪيو ويو آهي.
اگهن ۾ اضافو جنوري کان مارچ 2023ع جي ايڊجسٽمينٽ ۾ ڪيو ويو.
بجلي جي اگهن ۾ اضافي سان واهپيدارن تي 9 ارب رپين جو اضافي بار پوندو.
نيپرا طرفان فيصلو وفاقي حڪومت ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي، جنهن طرفان قطعي منظوري ڏني ويندي….- Advertisement -
