ڪرم ايجنسي ۾ هڪ دفعو ٻيهر قبائلي ويڙهه دوران 11 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي ماڻهو زخمي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪرم ۾ ٻن قبيلن وچ ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

ڊپٽي ڪمشنر جاويد الله محسود موجب ڪنج علي زئي ۾ قبيلن وچ ۾ فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا، زخمين کي اسپتال منتل ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته پوليس ۽ سڪيورٽي فورسز جي ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي وئي آهي ۽ فائرنگ جي واقعن جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

ڊي سي جاويد الله جو چوڻ آهي ته ضلعي ۾ رستن کي محفوظ بڻائڻ ۽ صورتحال کي معمول تي آڻڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.

اڳوڻي ايم اين اي ۽ جرڳي ميمبر پير حيدر علي شاهه جو چوڻ آهي ته قبيلن وچ ۾ امن معاهدي لاءِ جرڳا پهريان ئي جرڳي جا ميمبر علائقي ۾ موجود آهن.

ڪرم ۾ اڳ به قبيلائي جهيڙن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيتراي زخمي ٿي چڪا آهن.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
39%
4.4m/s
5%
سُومر
24 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون