- Advertisement -
ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ هڪ وڌيڪ اپ سيٽ ٿيو آهي، انگلينڊ کانپوءِ افغانستان کي به شڪست ڏئي ڇڏي.
چنائي ۾ کيڏيل ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ٽيم مقرر اوورن ۾ ستن وڪيٽن جي نقصان تي 282 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان ڪپتان بابر اعظم 74، عبدالله شفيق 58، شاداب ۽ افتخار احمد 40-40 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
افغان ٽيم طرفان نور احمد 3، نوين الحق 2 ۽ محمد نبي توڙي عظمت الله هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
پاڪستان طرفان مليل 283 رنسن جو حدف افغان ٽيم 49 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان خلاف پهرين فتح حاصل ڪئي.
افغانستان طرفان ٻنهي اوپنرن شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 130 رنسن جي ڀائيواري ڪئي.
ابراهيم زدران 87 ۽ رحمت الله گرباز 65 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا، جڏهن ته رحمت شاهه 77 ۽ هشمت الله شاهدي 48 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا ۽ ٽيم کي کٽرائي واپس موٽيا.
پاڪستان طرفان شاهين شاهه ۽ حسن علي هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي……..- Advertisement -
