- Advertisement -
ڪشمور ۾ نوجوان راجيش ڪمار ڪيسواڻي جي اغوا خلاف هندو برادري پاران شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
هڙتال سبب شاهي بازار، اليڪٽرانڪس مارڪيٽ، اسٽيشن روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا جڏهن ته چوڌري نريش ڪمار ڪيسواڻي، فقير محمد زمان دادو، افضل عطا ڪلوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پنچايتي هال کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي.
احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اربع ڏينهن ڊيرا موڙ وٽ پنهنجي رائيس مل تي ويٺل هندو نوجوان راجيش ڪمار ڪيسواڻي کي هٿياربند هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري آساني سان ڪچي طرف فرار ٿي ويا هئا.
هنن چيو ته ٽن ڏينهن اندر ڪشمور ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيلن جو انگ 7 ٿي ويو، جڏهن ته ڪشمور ضلعي مان هن وقت تائين 15 جي لڳ ڀڳ ماڻهو اغوا ڪيا ويا آهن مجموعي طور تي ضلعي جي امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي.
احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بدامني تي ضابطو آڻي امن امان بحال ڪرائي مغوي راجيش ڪمار ڪيسواڻي سميت ٻين کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.- Advertisement -
