- Advertisement -
ڪشمير جي عظيم اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ٽين ورسي لائن آف ڪنٽرول جي ٻنهي پاسن تي هڪ نئين عهد سان گڏ ملهائي پئي وڃي، سيد علي گيلاني پنهنجي زندگي جو هڪ وڏو حصو آزادي جي جدوجهد ۾ گذاريو.
ڄمون ۽ ڪشمير جي آزاديءَ جي تحريڪ جو سگھارو آواز سيد علي گيلاني 29 سيپٽمبر 1929ع تي والاريل ڪشمير جي ضلعي بانڊي پوره جي ڳوٺ زرمن ۾ پيدا ٿيو. علي گيلاني ڀارتي قبضي خلاف جدوجهد جي شروعات جماعت اسلامي جي پليٽ فارم تان ڪئي هئي.
سيد علي گيلاني هندستان کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ حريت ڪانفرنس ۽ تحريڪ حريت جهڙين سرگرم تنظيمن جو بنياد پڻ رکيو، سيد علي گيلاني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي سوپور تڪ مان ٽي ڀيرا اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ چونڊيو ويو هو.
ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني ٻن درجن کان وڌيڪ سال ڀارتي جيلن ۾ گذاريا، هن قيد دوران پنهنجي يادگيرين تي مشتمل هڪ ڪتاب “روداد قفس” پڻ لکيو.
2010ع کان وفات تائين 11 سال قابض هندستاني حڪومت جي حڪم تي نظربند رهيو، سيد علي شاهه گيلاني پهرين سيپٽمبر 2021ع تي حيدر پوره سرينگر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
سندس موت جي خبر ملڻ کان پوءِ خوفزده مودي سرڪار سڄي وادي ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو، انٽرنيٽ ۽ ميڊيا تي پابندي لڳائي وئي، سيد علي گيلاني جو مڙهه پاڪستاني جهنڊي ۾ ويڙهي جنازي نماز بعد مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
پاڪستان جي 73 هين يوم آزادي جي موقعي تي سيد علي گيلاني جي ڪشمير جي آزادي واري تحريڪ جي حوالي سان ڪيل خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي پاڪستان جي حڪومت کيس نشان پاڪستان جهڙن قومي اعزازن سان پڻ نوازيو……….- Advertisement -
