ڪشميري اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق جي چئن ورهين جي نظربندي جو خاتمو ڪيو ويو آهي.
عمر فاروق کي چار آگسٽ 2019ع کان آرٽيڪل 370 ايَ ۽ 35 ختم ٿيڻ بعد نظربند ڪيو ويو هو.
جمعي ڏينهن آزادي بعد عمر فاروق سخت سڪيورٽي ۾ تاريخي جامع مسجد پهتو.
جمعي نماز دوران خطاب ۾ مير واعظ عمر فاروق يوڪرين جنگ تي وزيراعظم نريندر موديءَ جي موقف کي درست قرار ڏنو.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن نريندر مودي يوڪرين معاملي ۾ جنگ بدران پرامن ڳالهين کي ٺيڪ سمجهي ٿو ته هو ياد ڏيارن ٿا ته هنن سدائين امن عمل جي حمايت ڪئي آهي، جنهن جو نقصان به برداشت ڪيو.
مير واعظ عمر فاروق چيو ته هو اڄ به ڪشمير مسئلي جي حل خاطر پرامن ڳالهين کي ئي صحيح سمجهن ٿا. ڪشميري اڳواڻ چيو ته جلد حالتون سندن حق ۾ تبديل ٿي وينديون، عوام صبر جو مظاهرو ڪري…
