اڏيري لال ۾ ڳوٺاڻن زمين تي قبضي خلاف مظاهرو ڪري نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو.
ڳوٺ درل کوسي جي رهواسين اڪبر کوسي، خالد کوسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته بااثر ماڻهو ڪچي جي زمينن تي قبضا ڪري رهيا آهن، پوليس بااثرن خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
هنن چيو ته بااثر نويد سمون هٿياربندن سان گڏجي ڳوٺ تي حملو ڪيو، نوٽيس وٺي بااثر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ڊي ايس پي کيبراڻي طارق خانزاده، ڊي ايس پي هالا عارف ڀٽي ۽ ڊي ايس پي مٽياري ڌرڻي واري هنڌ پهچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون، جڏهن ته خاطرين بعد ڳوٺاڻن ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
