- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪنهن کي ملڪي معاملن ۾ مداخلت جي اجازت نه ڏني ويندي، فوجي ٿاڪن تي حملو ٿيندو ته ڪيس فوجي عدالتن ۾ ئي هلندو، نو مئي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي سزا ڀوڳڻي پوندي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مخالف ڌر طرفان ڳالهين ۾ شامل ٿيڻ جو قدم ساراهه جوڳو آهي، هر مسئلي جو حل ڳالهين ذريعي ڪڍڻ گهرجي.
هن چيو ته ڪنهن کي به ملڪي معاملن ۾ مداخلت جي اجازت نه ڏني ويندي، فوجي ٿاڪن تي حملو ٿيو ته ڪيس فوجي عدالتن ۾ ئي هلندو.
سندس چوڻ هو ته نو واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي سزا ضرور ملندي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پنهنجي روين ۽ حڪمراني ۾ تبديلي آڻڻي پوندي.
هن چيو ته سنڌ سرڪار سيڙپڪاري لاءِ نئون سرپرائيز ڏيندي، اعلان جلد ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته حڪومت ويزا پاليسي ۾ نرمي ڪئي آهي، پرڏيهي سيڙپڪارن کي ڪاروبار ۽ رهائش جي سهولت ڏني ويندي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چين سميت ڏهن ملڪن جي سيڙپڪارن جا وفد سنڌ جي دوري تي آهن.
هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا ڪيترائي موقعا موجود آهن، واپارين کي سهولتون ڏيڻ سان سندن اعتماد ۾ اضافو ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته وفاقي ۽ سنڌ سرڪار جي اوليت آهي ته هر شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪئي وڃي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ملڪ جي معاشي استحڪام ۾ ايس آءِ ايف سي جو ڪردار اهم آهي.- Advertisement -
