تازه ترين

ڪي پي جي وڏي وزير طرفان اسلام آباد تي حملي جي ڌمڪي نهايت سنگين معاملو آهي : خواجا سعد رفيق

- Advertisement -
مسلم ليگ نون اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ڪي پي جي وڏي وزير طرفان اسلام آباد تي حملي جي ڌمڪي نهايت سنگين معاملو آهي، اسلام آباد تي قبضي لاءِ پي ٽي آءِ جي ڪي پي حڪومت ماضي ۾ به حملا ڪندي رهي، نتيجو ڏڦيڙ، نفرت ۽ معاشي تباهي ۾ اضافي کانسواءِ ڪجهه نه نڪتو، ڀڃڊاهه جي گندي سياسي هلي سگهي ٿي نه فاشسٽ رويو برادشت ڪيو ويندو، نئون 9 مئي ڪرڻ بدران پنهنجون ڊگهيون زبانون ۽ هٿ پير ٻڌي عقل جو استعمال ڪريو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئٽ ۾ خواجا سعد رفيق چيو ته ڪي پي جي وڏي وزير طرفان اسلام آباد تي حملي جي ڌمڪي نهايت سنگين معاملو آهي. سندس چوڻ هو ته اسلام آباد تي قبضي لاءِ تحريڪ انصاف جي خيبرپختونخوا حڪومت ماضي ۾ به حملا ڪندي رهي، نتيجو ڏڦيڙ، نفرت ۽ معاشي تباهي ۾ اضافي کانسواءِ ڪجهه نه نڪتو. مسلم ليگ نون اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو ته صوبي جي عوام جي خدمت ڪرڻ بدران هي ڏڦيڙي هن ڀيري به اسلام آباد تي چڙهائي ۽ قبضو ڪرڻ آيا ته حڪمران طور واپس وڃڻ ناممڪن ٿي ويندو. خواجا سعد رفيق چيو ته ڀڃڊاهه جي گندي سياسي هلي سگهي ٿي نه فاشسٽ رويو برادشت ڪيو ويندو، نئون 9 مئي ڪرڻ بدران پنهنجون ڊگهيون زبانون ۽ هٿ پير ٻڌي عقل جو استعمال ڪريو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
41 %
2.9kmh
94 %
اڱارو
24 °
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون