- Advertisement -
ڪيٽي بندر ويجهو ڪَاجهر ڪريڪ وٽ سمنڊ ۾ هوڙو سامونڊي جهاز سان ٽڪرائجڻ سبب 20 مهاڻا ٻڏي ويا، 19 ڄڻن کي مقامي مهاڻن بچائي ورتو، هڪ ڄڻو هٿ نه اچي سگهيو.
نبي بخش گلڙي جو مڇي ماريندڙ هوڙو اونهي سمنڊ ۾ سامونڊي جهاز جي ٽڪر سبب مڪمل ٽٽي ويو.
هوڙو سان سامونڊي جهاز ٽڪرائجڻ سبب 20 مهاڻا ٻڏي ويا جن مان مقامي مهاڻن 19 ڄڻن کي بچائي ورتو هڪ مهاڻو آصف ولد شير محمد رجيرو هٿ نه اچي سگهيو آهي.
ٻڏي ويل شير محمد رجيرو جي وارثن طرفان حڪومت کان سندس ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي وئي آهي.
پوليس جو چوڻ هو ته واقعو شاهبندر جي حدن ۾ پيش آيوپوليس ۽ انتظاميا ڳولا ڪري 19 ڄڻن کي بچائي ورتو آهي.
سنڌ ٽي وي نيوز تي خبر هلڻ بعد ٻڏي ويل مهاڻي آصف رجيرو جي ڳولا لاءِ ميري ٽائيم سڪيورٽي ايجنسي پاڪ نيوي ريسڪيو آپريشن شروع ڪري ڏنو.
پاڪ ميري ٽائيم سڪيورٽي ايجنسي ڪيٽي بندر جي انچارج جو چوڻ آهي ته ميري ٽائيم سڪيورٽي ايجنسي پاڪ نيوي جا ٽوٻا ڪاجر ڪريڪ ڏانهن روانا ٿي ويا آهن………
- Advertisement -
