- Advertisement -
افريڪي ملڪ نائجر ۾ مسجد تي دهشتگرد حملي ۾ 44 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي ، حڪومت ملڪ ۾ ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب، جمعي ڏينهن نائجر جي علائقي ڪورو ۾ مسجد تي دهشتگردن حملو ڪيو.
نائجر گھرو وزارت موجب، دهشتگردن حملو منجهند ان وقت ڪيو جڏهن مسجد ۾ نماز ادا ڪئي پئي وئي، دهشتگردن مسجد جو گھيرو ڪري ماڻهن کي نشانو بڻايو، حملي آور مقامي بازار ۽ گھرن کي به باهه ڏني.
گھرو وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردن جي حملي ۾ 44 ڄڻا مارجي ويا ۽ 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
نائجر گھرو وزارت حملي آورن کي گرفتار ڪري انصاف جي ڪهٽڙي ۾ آڻڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
نائجر حڪومت دهشتگردن جي حملي 44 ڄڻن جي شهادت کانپوءِ جمعي کان 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.- Advertisement -
