- Advertisement -
پيپلز پارٽي سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف اڱاري تي احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو، نثار احمد کهڙي جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي کي سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ تي اعتراض آهن، سياسي پارٽين ڪئنالن بدران پ پ تي تنقيد ڪئي آهي.
سنڌ اسيمبلي ميڊيا ڪارنر تي ڳالهائيندي نثار کهڙي چيو ته هنن وڏو صبر ڏيکاريو، هنن ارسا ترميمن کي به ختم ڪيو، ڪئنالن تي به اعتراض آهي.
هن چيو ته ڪئنالن وارو معاملو ايڪنڪ ۾ اچڻ کانسواءِ ئي منظور ڪيو ويو، جيڪڏهن اهڙا ڪئنال ٺاهڻ جي ڪوشش ٿي آهي ته پ پ سنڌ احتجاج جو اعلان ڪري ٿي، هر اڱاري ڏينهن سنڌ جي هر ضلعي ۾ احتجاج ڪيو ويندو.
نثار کهڙي چيو ته جيڪڏهن ڪئنال ناهن ٺهڻا ته پنجاب حڪومت بجيٽ ڇو رکي آهي؟ پ پ کي عهدا ڳڻايا وڃن ٿا، پر اهي عهدا هنن عوامي ووٽ ذريعي ورتا آهن، ڇا هو عهدا ڇڏي ڏيندا ته ڪئنال نه ٺهندا؟.- Advertisement -
