تازه ترين

آمريڪي رياست ورجينيا ۾ هڪ افغان شهري داعش جي مدد جي الزام هيٺ گرفتار

- Advertisement -
آمريڪي رياست ورجينيا ۾ هڪ افغان شهري کي داعش جي مدد جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي. اميگريشن ۽ ڪسٽم انفورسمينٽ هڪ ڏينهن اڳ ورجينيا جي وينس بورو ۾ افغان شهري جان شاهه صفي کي گرفتار ڪيو. هوم لينڊ سيڪيورٽي موجب جوابدار افغانستان ۾ پنهنجي پيءُ کي هٿيار پهچايا، جيڪو داعش ڪمانڊر آهي. جوابدار جان شاهه صفي، 2021 ۾ بائيڊن انتظاميا جي الائيز ويلڪم پروگرام تحت آمريڪا پهتو. هوم لينڊ سيڪيورٽي موجب، صفي آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ عارضي طور تي محفوظ حيثيت لاءِ درخواست ڏني هئي، جيڪا بعد ۾ رد ڪئي وئي. هوم لينڊ سيڪيورٽي سيڪريٽري ڪرسٽين نوم اڳوڻي انتظاميا جي پاليسين تي تنقيد ڪندي چيو ته بائيڊن انتظاميا ماڻهن کي مناسب جانچ کان سواءِ آمريڪا اچڻ جي اجازت ڏني.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24 ° C
24 °
24 °
13 %
0.6kmh
4 %
اڱارو
25 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون