تازه ترين

اسرائيلي فوج جي غزه ۾ دهشتگردي جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 50 فلسطيني شهيد ۽ 60

- Advertisement -
اسرائيلي فوج جي غزه ۾ دهشتگردي جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 50 فلسطيني شهيد ۽ 60 زخمي ٿي پيا. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته يهودي فوج وچ غزه جي پٽي ۾ المغازي، نصيرات ڪيمپ ۽ خان يونس ۾ گهرن کي نشانو بڻايو. عرب ميڊيا موجب، رفح شهر ۾ اسرائيلي فوج رهائشي عمارتن کي ڌماڪن سان اڏائي ڇڏيو، ملبي هيٺان ڪيترائي ماڻهو دٻيل هجڻ جو خدشو آهي. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اتر غزه جي شهر شجاعيه ۾ حملي کانپوءِ 60 لاش هٿ آيا آهن جڏهن ته اسرائيلي فوج شجاعيه ۾ ٻن هفتن دوران 85 سيڪڙو گهر تباهه ڪري ڇڏيا آهن. واضع رهي ته 7 آڪٽوبر کان جاري اسرائيلي حملن ۾ هن وقت تائين شهيد ٿيلن جو انگ 38 هزار پنج سئو جي ويجهو پهچي چڪو آهي جڏهن ته 88 هزار 4 سئو کان وڌيڪ ماڻهو زخمي چڪا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
32.6 ° C
32.6 °
32.6 °
7 %
10kmh
0 %
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °
سُومر
33 °

تازه ترين خبرون