اسپيڪر طرفان اليڪشن ڪميشن کي خط کانپوءِ پارٽي پوزيشن ۾ تبديلي

- Advertisement -
اسپيڪر طرفان اليڪشن ڪميشن کي لکيل خط کانپوءِ پارٽي پوزيشن ۾ تبديلي ڪئي وئي، تحريڪ انصاف جو قومي اسيمبليءَ مان هڪ دفعو ٻيهر خاتمو ٿي ويو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ نئين پارٽي پوزيشن جاري ڪري ڇڏي. نئين پارٽي پوزيشن ۾ قومي اسيمبلي مان پي ٽي آءِ جو وجود ختم ٿي ويو آهي. سمورن 80 ميمبرن کي سني اتحاد ڪائونسل جو ميمبر ظاهر ڪيو ويو آهي. پارٽي پوزيشن ۾ مسلم ليگ نواز، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ کان واپس ورتل سيٽن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ نواز جون 110، پيپلز پارٽي جون 69، سني اتحاد ڪائونسل جو 80 ۽ ايم ڪيو ايم جون 22 سيٽون آهن. پارٽي پوزيشن ۾ جي يو آءِ ف ۽ آزاد اميدوارن جون 8-8، ق ليگ جون 5، آءِ پي پي جون 4، پي ڪي ميپ، بي اين پي مينگل ۽ ايم ڊبليو ايم جي هڪ هڪ سيٽ آهي، هڪ آزاد اميدوار مسلم ليگ ن ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي. اليڪشن ايڪٽ تي عملدرآمد جي صورت ۾ 23 مخصوص سيٽون ن ليگ، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ کي مليون آهن. مسلم ليگ ن کي 15، پيپلز پارٽي کي 5 ۽ جي يو آءِ کي 3 مخصوص سيٽون مليون آهن…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.8 ° C
21.8 °
21.8 °
32%
4.4m/s
2%
سُومر
21 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون