تازه ترين

امريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم ريلي تي فائرنگ، اڳوڻو صدر زخمي

- Advertisement -
آمريڪا جو اڳوڻو صدر ۽ ريپبلڪن پارٽي جو صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ چونڊ ريلي ۾ فائرنگ سبب زخمي ٿي پيو ۽ حملو ڪندڙ مارجي ويو جڏهن ته واقعي ۾ هڪ شهري مارجي ويو ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جي رياست پنسلوانيا جي شهر بٽلر ۾ ريلي ۾ ڪارڪنن کي خطاب لاءِ اسٽيج تي موجود هو جنهن دوران فائرنگ جو واقعو پيش آيو. پرڏيهي خابرو اداري جو چوڻ آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ تقرير دوران گوليون هلڻ دوران هيٺ جهڪي ويو ۽ ريلي ۾ ڀاڄ پئجي وئي، ٿوري دير بعد ٽرمپ اٿي بيٺو ۽ مڪو ڏيکاريو، ان وقت اڳوڻي صدر جي ساڄي ڪن تي رت جا نشان نظر اچي رهيا هئا. سيڪريٽ سروس جي اهلڪارن، ڊونلڊ ٽرمپ کي پنهنجي پهري ۾ روانو ڪيو، واقعي بعد ريلي ختم ڪئي وئي. ڪائونٽي پراسيڪيوٽر موجب، آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي گولي لڳي هئي. آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ريلي ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ ڊونلڊ ٽرمپ معمولي زخمي ٿيو آهي، سندس ڪن تي رت جا نشان ڏٺا ويا، ٽرمپ تي حملو ڪندڙ مارجي ويو آهي ۽ ريلي ۾ جنهن رائفل سان فائرنگ ڪئي وئي اها به هٿ ڪئي وئي آهي. آمريڪا ميڊيا جو چوڻ آهي ته فائرنگ ۾ هڪ شهري مارجي ويو ۽ 2 زخمي به ٿي پيا آهن، ڊونلڊ ترمو ٺيڪ آهي ۽ مقامي صحت مرڪز ۾علاج ڪيو ويو، جنهن بعد آمريڪا جي اڳوڻي صدر کي اسپتال مان فارغ ڪيو ويو. آمريڪي سيڪريٽ سروس جو چوڻ آهي ته ريلي ۾ فائرنگ جي واقعي بعد ڊونلڊ ٽرمپ محفوظ آهي ۽ سندس حفاظتي قدم وڌايا ويا آهن، واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ جيئن ئي ڪا اڳڀرائي ٿيندي عوام کي آگاهه ڪيو ويندو. ٻئي پاسي فائرنگ ۾ فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ريپبلڪن پارٽي جي صدارتي اميدوار ۽ آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ بيان جاري ڪندي چيو آهي هو بلڪل ٺيڪ آهي ۽ ڪنهن کان به ڊڄڻ وارو ناهي. سندس چوڻ هو ته کيس هڪ گولي هنئي وئي جيڪا ساڄي ڪن جي مٿئين حصي ۾ لڳي، گھڻو رت وهڻ کانپوءِ خبر پئي ته ڪجهه ٿيو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته کيس يقين ئي ناهي ته اهڙو عمل سندن ملڪ ۾ ٿي سگهي ٿو، هن وقت تائين فائرنگ ڪندڙ بابت ڪجهه به معلوم نه ٿي سگھيو آهي. آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سيڪريٽ سروس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا ٿورا مڃيا ۽ ريلي ۾ مارجي ويل شخص جي خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
36.1 ° C
36.1 °
36.1 °
2 %
8.9kmh
0 %
خميس
35 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون