بلوچستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران پاڪ فوج جو ميجر ۽ حوالدار شهيد ٿي ويا، پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ 5 دهشتگر مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته زوب ضلعي ۾ سڪيورٽي فورسز ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي سمبارا واري علائقي ۾ آپريشن ڪيو.
آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ آپريشن جي اڳواڻي ڪندڙ ميجر سيد عادل رضا شاهه ۽ حوالدار نثار احمد شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب شهيد 31 ورهين جي ميجر سيد علي رضا شاهه جو تعلق سرگوڌا ۽ 38 ورهين جي حوالدار نثار احمد جو تعلق وهاڙيءَ سان آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته سڪيورٽي فورسز بهادر جوانن جي قرضي آهي، وطن تي جانيون قربان ڪندڙن کي هو ڀيٽا پيش ڪن ٿا، سڪيورٽي فورسز دهشتگردي کي پاڙان پٽڻ لاءِ پرعزم آهي.